لياقت علي جوڻيجو

لياقت علي جوڻيجو

لياقت جوڻيجو

لياقت جوڻيجو : اديب، شاعر ۽ صحافي لياقت علي ولد نور محمد جوڻيجو، 2 آگسٽ 1962ع تي ڳوٺ ٽالهي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي طور قرآن شريف جي تعليم ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪري اديب، عالم، فاضل جي سند حاصل ڪيائين. هيءُ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 10 سالن تائين هڪ رسالي ’وينجهار‘ جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. هيءُ شاعر آهي. ٻه ڪتاب ’تنهن سورهيه کي شاباس‘ (1981ع) ۽ ’حر تحريڪ‘ (2006ع) ڇپيل اٿس. هيءُ هن وقت سورهيه بادشاهه ادبي فورم جو جنرل سيڪريٽري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو